عروس ڪربلا

عروس ڪربلا (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامور اديب محمد صالح ڀٽي هالائيءَ جي ڪربلا جي واقعي بابت تاريخي ناول آهي، جنهن ۾ ليکڪ ڪربلا جي واقعي کي ناول جي انداز ۾ قلمبند ڪيو آهي. هن ۾ تاريخي واقعي بابت پسمنطر ۽ ان وقت جي حالتن جو به جائزو ورتو ويو آهي. 112 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز ۾ هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپيو سنڌي ساهت گهر حيدرآباد 2007ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 70 روپيا آهي.


لفظ عروس ڪربلاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو